حسين شاهه قنبر وارو

حسين شاهه قنبر وارو

حسين شاهه قنبر وارو

حسين شاهه قنبر وارو: نامور عالم ۽ بزرگ حسين شاهه قنبر واري جو مڪمل نالو سيد غلام حسين شاهه ولد سيد گل محمد شاهه بخاري نقشبندي مجددي آهي. سندس جنم 1936ع ڌاري تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي ڳوٺ ڊرٻ چانڊئي ۾ ٿيو، جتي ابتدائي تعليم والد کان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ديني تعليم مولوي قادربخش ۽ مولوي خوش محمد تنيي ميرو خانيءَ وٽ پڙهيائين، جڏهن ته رسمي تعليم پرائمري اسڪول ڊِٻ چانڊيي ۾ استاد غلام محمد چانڊيي ۽ استاد علي گوهر مستوئيءَ وٽ پڙهيو. سندس مرشد مير محمد عبدالغفار رحمت پور، لاڙڪاڻي وارو هو، جنهن وٽ اڍائين سالن ۾ سلوڪ جا مرحلا طئي ڪري، سندس هٿ تي بيعت ڪيائين. هن پهريائين ڳوٺ ڊِرٻ چانڊيي ۾ درگاهه قائم ڪئي، جنهن کان پوءِ ڏيڍ سال بلوچستان ۾ وڃي آستانو قائم ڪيائين. بعد ۾ اتان ڳوٺ واپس آيو. 1973ع واري ٻوڏ دوران قنبر شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جتي سرهيا مسجد ۾ پنج وقت نماز پڙهائيندو ۽ جمعي جو خطبو ڏيندو هو. هن مسجد ۾ ٽن سالن تائين رهيو، جنهن کانپوءِ جماعت سان مشورو ڪري ريلوي اسٽيشن قنبر لڳ درگاهه عاليه جو بنياد وڌائين. حسين شاهه ڪيترا دفعا حج جي سعادت ماڻي چڪو آهي ۽ هر سال ٻه دفعا عمري جي ادائگيءَ لاءِ ويندو آهي. پير صاحب ايران، عراق، شام، فلسطين ۽ يروشلم جون زيارتون به ڪري آيو آهي. هن قنبر ۾ ’درگاهه عاليه- حسين آباد‘ جو به بنياد رکيو آهي، جتان 150 کان وڌيڪ عالم نڪتا آهن ۽ 800 کان وڌيڪ شاگرد حافظ قرآن ٿي چڪا آهن. سندس مريد ملڪ جي چئني صوبن سميت پرڏيهه ۾ به هزارن جي تعداد ۾ آهن. شهيد بينظير ڀٽو 2007ع جي اليڪشن دوران آخري ڏهاڙن ۾ وٽس حاضري ڀرڻ آئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو